قاضي اسد عابد

قاضي اسد عابد

قاضي اسد عابد

قاضي اسد عابد : نامور صحافي ۽ سياستدان قاضي اسد عابد جو تعلق حيدرآباد جي مشهور قاضي خاندان سان آهي. سندس والد قاضي عبدالمجيد ’عابد‘ برک صحافي ۽ سياستدان رهيو آهي. قاضي اسد جو جنم 20 سيپٽمبر 1955ع حيدرآباد ۾ ٿيو. انگلنڊ مان B.B.A جي ڊگري ورتل اٿس. سندس صحافتي خدمتن جي مڃتا طور 23 مارچ 2007 ع تي کيس پاڪستان جي اعليٰ سول اعزاز ”ستاره امتياز“ سان نوازيو ويو. سياست ۾ سندس تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان آهي، جنهن جي ٽڪيٽ تان حيدرآباد واري تڪ تان ٻه ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. اخبارن جي مالڪن جي تنظيم ”آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽيءَ“ جو 9 ڀيرا جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي. هن وقت سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر آهي.اسد عابد'> قاضي اسد عابد جو پاڪستان جي سياست ۽ سرڪاري ادارن جي نمائندگيءَ ۾ انتهائي اهم ڪردار رهيو آهي. هن وقت سندس سياسي وفاداريون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان آهن. ان کان علاوه عبرت گروپ آف پبليڪيشن جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر آهي. هن گروپ آف پبليڪيشن ۾ روزاني عبرت، روزاني سنڌو، پندرهن روزه عبرت مئگزين، هفتيوار سنڌو، ماهوار هزار داستان شامل آهن. جڏهن ته هن کان اڳ عورتن جو رسالو ماهوار ”بختاور“، ٻارن جا رسالا ”ارچڪ مرچڪ“، ”ششر“ ۽ ”عبرت بڪ ڪلب“ به هن گروپ آف پبليڪيشن ۾ شامل هئا.


لفظ قاضي اسد عابدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.09.20  عيسوي

قاضي اسدعابد جو جنم 20 سيپٽمبر 1955ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الياس شاڪر
امام علي ڏيٿو
شوداساڻي جيرامداس
اخترعلي
تيرٿ گوبندرام سڀاڻي
عبدالرحمان قاضي1
طارق قريشي
عبدالله ميمڻ
توفيق علي منگي
اسد ڀٽي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون